بنگلاديش جو دورو آسٽريليا لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي ويو

بنگلاديش جي ٽيم آسٽريليا کي ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

اهو پهريون ڀيرو آهي جو بنگلاديش جي ٽيم ڪنهن به فارميٽ جي سيريز ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏني هجي.

جمعي ڏينهن ڍاڪا ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 117 رنسون ٺاهي سگهي.

بنگلاديش جي ٽيم ميچ ۾ 10 رنسن تان ڪاميابي ماڻي 5 ميچن جي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

آسٽريليا ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏي پئي وڃي.

Read Previous

آمريڪا جي پاڪستان لاءِ سفري پابندين ۾ نرمي

Read Next

افغانستان ۾ امن جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون: شاهه محمود قريشي

Most Popular