افغانستان ۾ امن جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون: شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون.

اسلام آباد ۾ نيوز بريفنگ دوران شاهه محمود قريشي چيو ته اسان افغان امن عمل ۾ اهم اسٽيڪ هولڊر آهيون، پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن جو خواهشمند آهي، دوحا ۾ ٿيندڙ امن معاملي ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي، 6 آگسٽ تي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ افغانستان بابت بريفنگ ٿي پر ان ۾ پاڪستان کي شرڪت جو موقعو نه ڏنو ويو.

هن چيو ته ڀارت ان مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي صدارت جي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو، افغانستان بابت بريفنگ لاءِ ڀارت سان سيڪيورٽي ڪائونسل صدر طور رابطو ڪيو پر هاڪاري ردعمل نه ڏنو ويو، ڀارت اسان جي درخواست کي قبول نه ڪيو، ڀارت جو سلامتي ڪائونسل صدر طور اهڙيو رويو نٿو ٺهي.

سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ اسان جو مقصد آمريڪا ۽ عالمي برادري جهڙو آهي، پاڪستان، آمريڪا ۽ عالمي برادري ان معاملي تي هڪ پيج تي آهن، اهي جيڪو چاهين ٿا، اسان به اهو ئي ٿا چاهيون، افغانستان جي سياسي حل جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، افغان مسئلي تي وزيراعظم جي موقف جي دنيا آجيان ڪئي، اسان جو ڪردار مدد جو آهي ضامن جو نه، امن قائم ٿيڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون.

Read Previous

بنگلاديش جو دورو آسٽريليا لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي ويو

Read Next

ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

Most Popular