عدالتي حڪمن ۾ ٽڪ ٽاڪ مٿان پابندي جو ذڪر نه آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي خلاف درخواست تي پنهنجي عبوري حڪم نامي ۾ چيو آهي ته عدالتي حڪم نامو پڙهڻ کان پواِ واضح ٿي ويو ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو ڪوبه  حڪم نه ڏنو ويو آهي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي خلاف درخواست تي 6 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ سوشل ميڊيا ايپ تي پابندي بابت اهم حقيقتون سامهون آيون آهن. عدالتي فيصلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي اي طرفان جمع ڪرايل رپورٽ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پي ٽي اي طرفان هڪ سيڪڙو ٽڪ ٽاڪرز جي اعتراض جوڳي مواد سبب ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو انڪشاف ٿيو.

پي ٽي اي به پنهنجي رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته 99 سيڪڙو ٽڪ ٽاڪرز جي وڊيوز ۾ ڪوبه  اعتراض جوڳو مواد نه آهي. صرف هڪ سيڪڙو ٽڪ ٽاڪرز جي وڊيوز ۾ اعتراض جوڳو مواد آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کي پي ٽي اي ٻڌايو ته هڪ ڪروڙ 65 لک پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪري رهيا آهن. هڪ سيڪڙو يا ڪجهه ٽڪ ٽاڪر اعتراض جوڳو مواد اپ لوڊ ڪري رهيا آهن. پي ٽي اي پاڻ سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئي رهيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو ڪوبه جواز نه آهي. پي ٽي اي پاڻ مڃيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ جا فائدا وڌيڪ ۽ نقصان گهٽ آهن.

Read Previous

اسرائيل ۽ ڀارت اسان جي امن سان کيڏڻ چاهين ٿا: شيخ رشيد

Read Next

اولمپيئن ارشد نديم کي پاڪستاني اداڪاره ميرا ڪرڪيٽر چئي ويٺي، وڊيو وائرل

Most Popular