اسرائيل ۽ ڀارت اسان جي امن سان کيڏڻ چاهين ٿا: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سي پيڪ ۾ ڪا به رنڊڪ ڪنهن قيمت تي قبول نه ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن کي سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ خطي ۾ ڪهڙيون حالتون پيدا ٿينديون، اسرائيل ۽ ڀارت اسان جي امن سان کيڏڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته سڄي قوم سي پيڪ ۽ ڪشمير معاملي تي متحد آهي، اسان کي ملڪي سلامتي خلاف ڀارت، اسرائيل ۽ اين ڊي ايس جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي، سي پيڪ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ کي ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪيو ويندو، داسو ڊيم حملي جي حوالي سان جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي پر ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل پرڏيهي وزير ٻڌائيندو.

Read Previous

حڪومت کي ڊاڪٽر قدير جي جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي هدايت

Read Next

عدالتي حڪمن ۾ ٽڪ ٽاڪ مٿان پابندي جو ذڪر نه آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Most Popular