ملڪ ۾ ڪورونا وبا 24 هزار کان وڌيڪ انساني زندگيون کسي ورتيون

ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ 86 حياتيون کسي ورتيون، جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 24 هزارن کان ٽپي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جون 49 هزار 506 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 3884 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جيڪا هاڪاري ڪيسن جي 7.84 سيڪڙو شرح آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 86 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، ائين ملڪ ۾ ڪورونا جي نتيجي ۾ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 24 هزار 4 ٿي ويو آهي.

Read Previous

انگلينڊ پاڪستان جا سڀ ٿورا وساري ڇڏيا

Read Next

چونڊون ڪنهن وقت به ٿي سگهن ٿيون، هنن جون رڙيون ٻڌجو: بلاول ڀُٽو

Most Popular