چونڊون ڪنهن وقت به ٿي سگهن ٿيون، هنن جون رڙيون ٻڌجو: بلاول ڀُٽو

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي حق جيترا وسيلا نٿا ڏنا وڃن، وفاقي حڪومت جي سازشن جي باوجود پيپلزپارٽي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي صوبي ۾ گهٽ وسيلن جي باوجود ڪم ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت ڪراچي جي لاءِ 11 ارب رپين جو اعلان ڪيو ان اعلان کي هڪ سال گذري ويو آهي پر هڪ وقت تائين ڪراچي لاءِ هڪ رپيو به ناهي ڏنو ويو.

پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت آئيني نه پر غير آئيني آهي، عام چونڊون ڪهڙي به وقت ٿي سگهن ٿيون، اسان مڪمل طور تيار آهيون، تبديلي جو اصل چهرو غربت، مهانگائي ۽ بي روزگاري آهي، عوام تبديلي کي سڃاڻي ورتو آهي، ڪراچي کان ڪشمير تائين عوام پيپلزپارٽي ڏانهن ڏسي رهي آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وبا 24 هزار کان وڌيڪ انساني زندگيون کسي ورتيون

Read Next

سنڌ سميت ملڪ جي 29 وڏن شهرن جو پاڻي زهريلو هجڻ جو انڪشاف

Most Popular