شلپا شيٽي ۽ سندس ماءُ ڪروڙن جي فراڊ ڪيس ۾ ملوث نڪتيون

بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي ۽ سندس ماءُ سنندا شيٽي ڪروڙين رپين جي فراڊ ۾ ملوث نڪتيون.

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا شلپا شيٽي ۽ سندس ماءُ سسندا شيٽي جي خلاف ڀارتي رياست اترپرديش جي شهر لکنئو جي علائقي گنج ۽ ڀوتي کنڊ ۾ ٻه ڌار ڌار فراڊ جا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن.

ڪيسن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شلپا شيٽي هڪ ويلنس سينٽر جي چيئرمين جڏهن ته هن جي ماءُ سنندا شيٽي ان جي ڊائريڪٽر آهي،ٻنهي ويلنس سينٽر جي برانچ کولڻ لاءِ ڪروڙين رپيا ورتا ۽ ان ۾ فراڊ ڪيو.

Read Previous

ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ قومي ٽيم جميڪا پهچي وئي

Read Next

زڪربرگ، بل گيٽس کان وڏو اعزازکسي ورتو

Most Popular