زڪربرگ، بل گيٽس کان وڏو اعزازکسي ورتو

مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس دولت ۾ فيسبڪ جي باني مارڪ زڪربرگ کان پوئتي ٿي ويو.

پرڏيهي رسالي فوربز جي هڪ رپورٽ موجب بل گيٽس ۽ ملنڊا گيٽس جي طلاق ۽ ملڪيت جي ورهاڱي کان پوءِ بل گيٽس امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ هيٺ اچي ويو آهي جنهن جو بنيادي سبب ٻنهي وچ ۾ طلاق آهي.

1987ع کان بل گيٽس دنيا جي امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ نمايان مقام تي رهيو پر اهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن بل گيٽس ان فهرست ۾ ٽئي نمبر هيٺ ٿي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.

رپورٽ موجب بل گيٽس جي اثاثن جي ماليت هن وقت 129.6 بلين ڊالر آهي جڏهن ته دنيا جي امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي موجود فيسبڪ باني مارڪ زڪربرگ جي اثاثن جي ماليت 132 بلين ڊالر آهي.

Read Previous

شلپا شيٽي ۽ سندس ماءُ ڪروڙن جي فراڊ ڪيس ۾ ملوث نڪتيون

Read Next

طالبان ڪابل ۾ داخل، صدارتي محل جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ

Most Popular