پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم جو ٽيزر جاري

پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر جي حياتيءَ تي ٺهندڙ ٽيلي فلم ”ايڪ هي نگار“ جي پهرين جهلڪ منظر تي اچي وئي.

ڪجهه ڏينهن کان خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ماهرا خان آءِ ايس پي آر جي هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هوءَ راولپنڊي جي آرمي ميڊيڪل ڪاليج ۾ فلم جي عڪسبندي ۾ مصروف آهي.

گذريل ڏينهن آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي آءِ ايس پي آر پنهنجي يوٽيوب چئنل تي ماهرا خان جي نئين ٽيلي فلم جو ٽيزر جاري ڪيو، جنهن ۾ اداڪارا کي پاڪ فوج جي وردي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

Read Previous

آزادي ڏهاڙي تي شاهد آفريدي جو جذباتي پيغام

Read Next

مواڇ ڳوٺ واقعو: مارجي ويل عورتن ۽ ٻارڙن جي جنازي نماز ادا، ڪيس ۾ اڳڀرائي

Most Popular