مواڇ ڳوٺ واقعو: مارجي ويل عورتن ۽ ٻارڙن جي جنازي نماز ادا، ڪيس ۾ اڳڀرائي

ڪراچي جي علائقي مواڇ ڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڌماڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

مواڇ ڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل ڌماڪي ۾ مارجي ويل 13 ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

جڏهن ته ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جاچ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ٽي موٽرسائيڪل سوار دهشتگرد مبينه طور واقعي ۾ ملوث آهن ۽ ٽئي دهشتگرد هڪ ئي موٽرسائيڪل تي سوار هئا.

جاچ ذريعن چيو آهي ته دهشتگردن مني ٽرڪ جي ڪَڍ لڳا، ظاهري طور دستي بم هلندي موٽرسائيڪل تان ئي اڇلايوويو پر دستي بم ٽرڪ ۾ ڪرڻ کان اڳ ئي هوا ۾ ڦاٽي پيو.

Read Previous

پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم جو ٽيزر جاري

Read Next

جنگ جي خاتمي جو اعلان، طالبان عالمي طاقتن سان گڏ هلڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

Most Popular