افغانستان تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، شيخ رشيد جي اهم ڳالهه ٻولهه

عمران خان

افغانستان جي صورتحال تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جيڪو ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو.

اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ 2 ڪلاڪ ڊگهو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ جيڪو به فيصلو ٿيو آهي، ان بابت جلد پاليسي بيان جاري ڪيو ويندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن طالبان افغانستان جي تخت گاهه ڪابل تي قبضو ڪري ورتو هو، جنهن کانپوءِ آمريڪي فوجي ۽ افغان صدر اشرف غني سميت ڪيترائي اهم حڪومتي عهديدار ملڪ مان فرار ٿي ويا آهن.

Read Previous

افغانستان تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، شيخ رشيد جي اهم ڳالهه ٻولهه

Read Next

پهرين ٽيسٽ ۾ ساهه سُڪائيندڙ مقابلي کانپوءِ ويسٽ انڊيز ڪامياب

Most Popular