پهرين ٽيسٽ ۾ ساهه سُڪائيندڙ مقابلي کانپوءِ ويسٽ انڊيز ڪامياب

ويسٽ انڊيز پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي 2 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

پاڪستان طرفان مليل 168 رنسن جو هدف ميزبان ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

فاتح ٽيم طرفان ٻي اننگز ۾ جرمين بليڪ ووڊ 55، روسٽن چيز 22، جيسن هولڊر 16، ڊي سلوا 13، جوميل ويريڪن 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪيمار روچ ناٽ آئوٽ 30 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ شاهين آفريدي 4، حسن علي 3، جڏهن ته فهيم اشرف 2 وڪيٽون ورتيون.

واضح رهي ته قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 217 ۽ ٻي اننگز ۾ 203 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته ويسٽ انڊين ٽيم پهرين اننگز ۾ 253 رنسن تي آئوٽ ٿي هئي.

Read Previous

افغانستان تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، شيخ رشيد جي اهم ڳالهه ٻولهه

Read Next

نصرت سحر عباسي جو اڳتي پردي ۾ رهڻ جو اعلان

Most Popular