حرا ماني کي اهم اعزاز سان نوازيو ويو

شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا حرا ماني وڏي اعزاز سان نوازيو ويو آهي.

انڊسٽري جي لاءِ خدمتن جي ساراهه ڪندي پنجاب جي گورنر چوڌري سرور حرا ماني کي ويمن ميڊيا ايوارڊ سان نوازيو آهي.

اداڪارا حرا ماني فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي گورنر هائوس پنجاب ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ويمن ميڊيا ايوارڊ حاصل ڪندي پنهنجي تصوير شيئر ڪئي آهي.

حرا ماني پنجاب جي گورنر جا ٿورا مڃيندي لکيو ته ”سرور صاحب وڏيون مهربانيون، توهان جي خوبصورت اخلاق جون، منهنجي ڪم جي ساراهه ڪرڻ جون، اهو ايوارڊ ڏيڻ جون مهربانيون“

اداڪارا پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪندي لکيو ته، جيوي پاڪستان، شڪريا پاڪستان، حرا ماني کي ايوارڊ ملڻ تي شوبز اندسٽري جي ساٿين، ناليواري شخصيتن ۽ مداحن طرفان مبارڪون ملڻ جاري آهن.

Read Previous

نصرت سحر عباسي جو اڳتي پردي ۾ رهڻ جو اعلان

Read Next

ڪابل تي قبضو، چين جو وڏو بيان سامهون اچي ويو

Most Popular