ڪابل تي قبضو، چين جو وڏو بيان سامهون اچي ويو

طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ چين جو وڏو بيان سامهون اچي ويو.

ڪابل تي حملي ۽ افغانستان جي وڏي حصي تي عملداري قائم ڪرڻ کانپوءِ طالبان عالمي برادري سان گڏ هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ چين جو ردعمل به سامهون اچي ويو آهي ۽ افغانستان جي ان پاڙيسري ملڪ چيو آهي ته اسان طالبان سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

رپورٽن موجب طالبان جي هڪ اعليٰ سطحي وفد گذريل مهيني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي هئي ۽ واعدو ڪيو هو ته افغانستان کي عسڪريت پسندن جي اڏي طور استعمال نه ڪيو ويندو، جڏهن ته ان جي بدلي ۾ چين افغانستان جي نئين سر تعمير لاءِ اقتصادي مدد ۽ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي هئي.

سومر ڏينهن چين چيو ته ان افغانستان سان لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي موقعي تي ڀليڪار ڪيو آهي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هووا چونئنگ صحافين کي ٻڌايو ته طالبان گهڙي گهڙي چين سان سٺن لاڳاپن جي اميد ظاهر ڪئي آهي ۽ اهي افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ چين جي شرڪت جي اوسيئڙي ۾ آهن.

ترجمان موجب اسان طالبان جي خواهش جي آجيان ڪيون ٿا، چين افغان عوام جي حق جو احترام ڪري ٿو ته آزادي سان پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪن، افغانستان سان دوستاڻي ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي جاري رکڻ چاهيون ٿا.

Read Previous

حرا ماني کي اهم اعزاز سان نوازيو ويو

Read Next

ديا مير ڀاشا ڊيم منصوبي جو ٺيڪو ڏيڻ ۾ اربين رپين جي بي قاعدگي جو انڪشاف

Most Popular