لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
مهاڻن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ پاڪستان فشر فوڪ جو چيئرمين محمد علي شاهه لاڏاڻو ڪري ويو.
محمد علي شاهه ڪورونا جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي ضياءُ الدين اسپتال ۾ هڪ مهيني کان وٺي داخل هو، جتي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
مهاڻن، سنڌو درياءُ جي پاڻي ۽ ڊيلٽا لاءِ جدوجهد ڪري تاريخ رقم ڪندڙ سيد محمد علي شاھه جي لاڏاڻي جي تصديق سندس خانداني ذريعن ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن پڻ ڪئي آهي ۽ محمد علي شاھه جي جنازي نماز سومهڻي جي نماز کانپوءِ ابراهيم حيدري ۾ ادا ڪئي ويندي.
محمد علي شاهه ٻيٽن ۽ ٿرڪول سميت سنڌ جي هر مسئلي تي جدوجهد ۾ اڳڀرو رهيو.