مهاڻن جو سگهارو آواز محمد علي شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

مهاڻن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ پاڪستان فشر فوڪ جو چيئرمين محمد علي شاهه لاڏاڻو ڪري ويو.

محمد علي شاهه ڪورونا جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي ضياءُ الدين اسپتال ۾ هڪ مهيني کان وٺي داخل هو، جتي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.

مهاڻن، سنڌو درياءُ جي پاڻي ۽ ڊيلٽا لاءِ جدوجهد ڪري تاريخ رقم ڪندڙ سيد محمد علي شاھه جي لاڏاڻي جي تصديق سندس خانداني ذريعن ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن پڻ ڪئي آهي ۽ محمد علي شاھه جي جنازي نماز سومهڻي جي نماز کانپوءِ ابراهيم حيدري ۾ ادا ڪئي ويندي.

محمد علي شاهه ٻيٽن ۽ ٿرڪول سميت سنڌ جي هر مسئلي تي جدوجهد ۾ اڳڀرو رهيو.

Read Previous

ماهه نور بلوچ جي عمر گهڻي آهي؟، اداڪارا بشريٰ انصاري جو انڪشاف

Read Next

ڪورونا: ملڪ ۾ وڌيڪ 66 فوتگيون، 3974 نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular