ماهه نور بلوچ جي عمر گهڻي آهي؟، اداڪارا بشريٰ انصاري جو انڪشاف

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪارا ماهه نور بلوچ جي اصل عمر سامهون اچي وئي آهي.

سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري اداڪارا ماهه نور بلوچ جي اصل عمر جي حوالي سان هڪ پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

بشريٰ انصاري چيو ته ماهه نور بلوچ جي عمر جي حوالي سان جيڪي ماڻهو ڳالهائيندا آهن انهن تي ڪاوڙ لڳندي آهي، هن جي عمر ايتري وڏي ناهي، ماڻهن هروڀرو اچي افواهه ڦهلايا آهن.

اداڪارا بشريٰ انصاري اهم انڪشاف ڪندي چيو ته ماهه نور بلوچ جي شادي 16 سالن جي عمر ۾ ٿي هئي انڪري هوءَ جلدي ناني بڻجي وئي آهي.

هن چيو ته ماهه نور بلوچ تمام پياري ۽ وڏي عمر جي ته بلڪل به ناهي.

اداڪارا ماهه نور بلوچ 14 جولاءِ 1970 ۾ بلوچستان ۾ پيدا ٿي هن 1993 کان ماڊل طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ خوبصورتي جي ڪري جلد ڊرامن ۾ اچي وئي.

Read Previous

موبائل چارجنگ ۾ دير جو مسئلو، سبب ۽ حل

Read Next

مهاڻن جو سگهارو آواز محمد علي شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular