وزيراعظم عمران خان مينارِ پاڪستان تي عورت ٽڪ ٽاڪر تي حملي ۽ هراسان ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
تحريڪ انصاف اڳواڻ زلفي بخاري ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته لاهور ۾ پيش آيل واقعي تي وزيراعظم عمران خان آءِ جي پنجاب سان رابطو ڪيو، ان دوران وزيراعظم کي آءِ جي واقعي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.