اوگرا گئس اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گئس اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اوگرا طرفان سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن جي هلندڙ سال لاءِ روينيو ضرورتن جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.

فيصلي موجب سوئي ناردرن ۾ گئس جي قيمت ۾ سراسري طور 14 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، گئس جي هڪ ايم ايم بي ٽي يو جي سراسري قيمت 86 رپيا 93 پئسا واڌ کانپوءِ 686 رپيا 77 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

اوگرا سوئي ناردرن کي گذريل مالي سال جي رهتن جي مد ۾ 254 ارب رپيا وصولي جي اجازت نه ڏني ۽ ان معاملي تي وفاقي حڪومت کان راءِ گهري ورتي آهي.

اٿارٽي سوئي سدرن ۾ گئس جي سراسري قيمت ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني آهي، قيمت ۾ 54 رپيا 47 پئسا واڌ کانپوءِ گئس جي سراسري قيمت 779 رپيا 88 پئسا هڪ ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

Read Previous

وزيراعظم عورت ٽڪ ٽاڪر کي هراسان ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Read Next

شيخ رشيد جو افغان پناهگيرن جي حوالي سان اهم بيان

Most Popular