طالبان جو عورتن جي برقعي بابت اهم بيان

)افغان طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين عورتن جي حجاب بابت وضاحت ڏئي ڇڏي.

برطانوي چينل اسڪائي نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ سهيل شاهين افغانستان ۾ عورتن جي حجاب حوالي سان ڳالهه ڪئي.

هن چيو ته عورتن کي مڪمل برقو پائڻ جي لاءِ نه چيو ويندو پر حجاب پهرڻ ضروري هوندو.

برقو رڳو حجاب ناهي، حجاب جا مختلف قسم آهن جيڪي رڳو برقي تائين محدود ناهن، حجاب عورتن جي تحفظ لاءِ هوندو.

ان سان گڏ هن مجاهدين سان ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي زبردستي شادي ڪرائڻ واري خبرن کي به رد ڪري ڇڏيو.

سهيل شاهين چيو ته ننڍي عمر جي ڇوڪري جي مجاهدين سان زبردستي شادي پروپيگنڊا آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن افغانستان جي اسلامي امارت ماڻهن کي پنهنجي ننڍي عمر جي ڇوڪرين جون شاديون مجاهدين سان ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرائڻ واري دعوائن کي غلط قرار ڏنو.

Read Previous

پاڪ – افغان ڪرڪيٽ سيريز ٿيندي يا نه؟

Read Next

اشرف غني جي دبئي ۾ موجودگي جي تصديق

Most Popular