پاڪ – افغان ڪرڪيٽ سيريز ٿيندي يا نه؟

Afghanistan’s Hazratullah Zazai (L) waves away bowler Pakistan’s Shaheen Shah Afridi after hitting another shot for four runs during the 2019 Cricket World Cup warm up match between Pakistan and Afghanistan at Bristol County Ground in Bristol, southwest England, on May 24, 2019. (Photo by Glyn KIRK / AFP) (Photo credit should read GLYN KIRK/AFP/Getty Images)

طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ جتي سڄي دنيا انساني حقن جي حوالي سان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري رهي آهي، اتي ئي وري طالبان جي حڪومت ۾ اچڻ سان ڪرڪيٽ جي سرگرمين تي اثر پوڻ جا به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.

پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سريلنڪا ۾ سيريز شيڊيول آهي، جنهن جي ميزباني افغانستان کي ڪرڻي آهي، ان حوالي سان مداحن ۾ غير يقيني واري صورتحال هئي ته طالبان جي اچڻ کانپوءِ اها سيريز ٿيندي الائي نه؟ پر افغان بورڊ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستان خلاف سيريز لاءِ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪابل ۾ ٽريننگ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ افغان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان چيو ويو آهي ته ڪابل ۾ سيريز جي تيارين لاءِ تربيتي ڪئمپ لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي رانديگر شريڪ آهن.

Read Previous

شيخ رشيد جو افغان پناهگيرن جي حوالي سان اهم بيان

Read Next

طالبان جو عورتن جي برقعي بابت اهم بيان

Most Popular