سنڌ ۾ اسڪول 23 آگسٽ کان نه کلندا: وڏي وزير جو اهم اعلان

سنڌ ۾ اسڪول 23 آگسٽ کان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر هاڻ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئون اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه تعليمي ادارن کي مشروط طور کولڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته صوبي ۾ 23 آگسٽ کان تعليمي ادارا کوليا ويندا، اسڪول گهٽ حاضري سان کوليا ويندا پر جن اسڪولن ۾ ويڪسينيشن 100 سيڪڙو آهي، اهي 100 سيڪڙو حاضري سان کوليا ويندا پر هاڻ نئين اعلان کانپوءِ اسڪول 30 آگسٽ کان کلندا.

ان حوالي سان ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسڪول وڌيڪ هڪ هفتو نه کوليا ويندا ته جيئن استاد، اسٽاف ۽ والدين ويڪسينيشن ڪرائن، اسڪول ٽيچرز ۽ والدين کي به پنهنجو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻو پوندو.

Read Previous

لاهور واقعو: ڊي آءِ جي سميت اعليٰ آفيسر معطل

Read Next

ججن ۽ بيورو ڪريٽس کي ڪڻن ذريعي پلاٽ، عدالت جو وڏو حڪم سامهون اچي ويو

Most Popular