لاهور واقعو: ڊي آءِ جي سميت اعليٰ آفيسر معطل

لاهور جي گريٽر اقبال پارڪ ۾ عورت کي هراسان ڪرڻ جي واقعي تي ڊي آءِ جي آپريشنز سميت ڪيترن ئي آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان ۽ پوليس جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جتي آءِ جي انعام غني گريٽر اقبال پارڪ ۾ عورت سان پيش ايندڙ واقعي تي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي.

ان موقعي تي عثمان بوزدار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عورت کي هراسان ڪرڻ ۽ ٻين واقعن تي پوليس جو ردعمل سست رهيو آهي.

وڏي وزير جي هدايت تي ڊي آءِ جي آپريشنز ساجد ڪياني کي او ايس ڊي بڻايو ويو، جڏهن ته ايس ايس پي آپريشنز ۽ ايس پي کي به عهدن تان هٽايو ويو ۽ ٻنهي آفيسرن کي سي پي او آفيس رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو.

Read Previous

اشرف غني جي دبئي ۾ موجودگي جي تصديق

Read Next

سنڌ ۾ اسڪول 23 آگسٽ کان نه کلندا: وڏي وزير جو اهم اعلان

Most Popular