ڪراچي ۾ گرلز اسڪول جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي بلاڪ 2 ۾ اسڪول پلاٽ تي قبضي بابت درخواست تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي فوري طور ايڪشن وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جي روبرو پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي بلاڪ 2 ۾ اسڪول پلاٽ تي قبضي بابت ڪي اليڪٽرڪ جي گرلز هاءِ اسڪول جو پلاٽ خالي ڪرائڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ جي گرڊ اسٽيشن آهي، جنهن ڀرسان اڏاوتون انتهائي خطرناڪ آهن، جنهن جي ڪري گرڊ اسٽيشن کي به خطرو آهي، اسڪول جي پلاٽ تي اڏاوتن کي ختم ڪرايو وڃي.

عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي فوري طور ايڪشن وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته پلاٽ تي گهرن کي سيل ڪيو يا ڪيرايو، اٿارٽي قانون جي دائري ۾ سمورا اختيار استعمال ڪري، 7 ڏينهن ۾ ايڪشن وٺي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

Read Previous

نيوزيلينڊ جو پاڪستان دورو، اهو ئي ٿيو جنهن جو خوف هو

Read Next

ن ليگ حڪومت کي وڏو چئلينج ڪري ڇڏيو

Most Popular