ن ليگ حڪومت کي وڏو چئلينج ڪري ڇڏيو

ن ليگ اڳواڻن حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي نه ڪري غلطي ڪئي سين.

لاهور ۾ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته شهباز شريف ۽ منهنجي خلاف نئون اسڪينڊل آندو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته شهباز شريف منهنجي ڀاءَ کي نوازيو، اسان انهن ڪوڙن ڪيسن جو مقابلو ڪنداسين، اسان جي دور ۾ ڪو سياسي قيدي نه هو، ڪنهن کي به انتقام جو نشانو نه بڻايو ويو.

هن چيو اسان جي غلطي هئي ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف خلاف ڪارروائي نه ڪئي سين، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي نه رڳو جيل موڪلڻ گهرجي ها پر سزائون به ٿيڻ گهرجن ها.

Read Previous

ڪراچي ۾ گرلز اسڪول جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم

Read Next

پاڪ چين سهڪار ۽ ترقي کي يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين: شيخ رشيد

Most Popular