پاڪ چين سهڪار ۽ ترقي کي يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين.

پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير گهرو وزير شيخ رشيد جي رهائشگاهه پهچي ساڻس ملاقات ڪئي، وفاقي وزير طرفان چيني سفير ۽ ٻئي سفارتي عملي کي مانجهاندو به ڏنو ويو.

ان موقعي تي شيخ رشيد چيو ته چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، چيني شهرين جي حفاظت لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون، ٻنهي ملڪن جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ مَٽجندڙ حالتن سبب اسان جو خطو وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي، پاڪستان افغان ۾ امن ۽ اتي مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، گهرو وزارت افغانستان مان نڪرندڙن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي.

Read Previous

ن ليگ حڪومت کي وڏو چئلينج ڪري ڇڏيو

Read Next

سنڌ ۾ اسڪول ايندڙ حڪم تائين بند

Most Popular