بائيڊن نااهل هوندو، اسامه بن لادن جي اڳڪٿي جو انڪشاف

افغانستان مان فوج جي واپسي ۽ اتي طالبان جي قبضي کانپوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن تي لڳاتار تنقيد ٿي رهي آهي.

چيو پيو وڃي ته سندس اهو فيصلو نه رڳو افغانستان پر آمريڪا جي لاءِ به نوان بحران آڻيندو، ان دوران ئي هڪ رپورٽ ۾ اسامه بن لادن جو 2010 جو لکيل هڪ خط سامهون آيو آهي جنهن ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ان خط ۾ اسامه بائيڊن جي صدر بڻجڻ جو ذڪر ڪيو آهي، ان سان گڏ اهو چيو هو ته بائيڊن پاڻ ئي آمريڪا جي اڳيان پريشانين جا انبار لڳائي ڇڏيندو، اسامه جو خيال هو ته بائيڊن آمريڪا جو نااهل صدر ثابت ٿيندو.

حقيقت ۾ نائين اليون حملي کانپوءِ آمريڪا اسامه ۽ القاعدا کان بدلو وٺڻ جي لاءِ افغانستان تي حملو ڪيو هو، جنگ جي دوران اسامه ڪڏهن به آمريڪا کي هٿ نه آيو هو تنهن هوندي به 10 سالن کانپوءِ مطلب ته 2011 جي مئي ۾ آمريڪا ان کي پاڪستان جي ايبٽ آباد واري علائقي مان ڳولي لڌو ۽ ڳجهي فوجي ڪارروائي ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ اسامه 2010 ۾ 48 صفحن تي ٻڌل هڪ ڊگهو خط شيخ محمود نالي هڪ شخص کي لکيو هو.

Read Previous

تذيل جو نشانو بڻيل ٽڪ ٽاڪر سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا

Read Next

پاڪستان بابت گوگل تي ڇا سرچ ٿيندو آهي؟ حيران ڪندڙ رپورٽ

Most Popular