تذيل جو نشانو بڻيل ٽڪ ٽاڪر سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا

ٽڪ ٽاڪر عائشا جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس ورتو هو جنهن کانپوءِ وائرل ٿيل وڊيوز نادرا ڏانهن اماڻيو ويون هيون.

نادرا مان سڃاڻپ کانپوءِ هن وقت تائين پوليس اختيارين 66 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو جن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان ٻڌائيندا هلون ته واقعو پيش اچڻ ۾ دير سان پهچڻ، غفلت ۽ سيڪيورٽي نظام درست نه هجڻ تي ڊي آءِ جي سميت ڪيترن ئي آفيسرن کي به معطل ڪيو ويو هو.

ان سان گڏ سوشل ميڊيا تي تذليل جو نشانو بڻيل ڇوڪري عائشا تي ڪجهه ماڻهن تنقيد پڻ ڪئي هئي، اهي به انڪشاف ٿيا هئا ته ڇوڪري ٽڪ ٽاڪ تي هڪ ڏينهن اڳ گريٽر اقبال پارڪ ۾ اچڻ جي وڊيو رکي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي فالوورز کي اتي اچي پارٽي ڪرڻ جي دعوت به ڏني هئي.

ان کانسواءِ اهو به چيو پئي ويو ته جيئن ئي ٽڪ ٽاڪر عائشا پارڪ ۾ پهتي هئي ته ڪيترن ئي ڇوڪرين سان هن ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهيون هيون ۽ انهن کي فلائنگ ڪسز ذريعي ويلڪم به ڪيو هو.

جنهن کانپوءِ ئي موجود ماڻهو آپي مان نڪري عائشا کي هراسان ڪندي ڏٺا ويا هئا، ڪيترن ئي ماڻهن تي ان سڄي واقعي کي سستي شهرت تي ٻڌل سازش قرار ڏنو هو.

Read Previous

بيمار ٻار جي علاج لاءِ پولش ايٿليٽ پنهنجي قيمتي شئي نيلام ڪري ڇڏي

Read Next

بائيڊن نااهل هوندو، اسامه بن لادن جي اڳڪٿي جو انڪشاف

Most Popular