مردن کي گهر ڀاتين کان سواءِ ڪنهن به عوامي هنڌ تي وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي: بختاور مطالبو

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري عوامي هنڌن تي مردن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ بختاور ڀٽو مردن جي عوامي هنڌن ۾ داخلا تي مڪمل پابندي جو مطالبو ڪيو هو پر هاڻ هن هڪ ٻيو بيان جاري ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته مان عوامي هنڌن تي مردن جي داخلا واري پابندي جي مطالبي تي اڃان به قائم آهيان. بختاور چيو ته مردن کي ڀينرن، مائرن، ڌيئرن ۽ زالن کان سواءِ اڪيلي عوامي هنڌن تي وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. شايد  هو اهڙي طرح ٻيهر عورتن تي حملي ڪرڻ جو سوچيندا.

بختاور ڀٽو وڌيڪ لکيو ته عورتن مٿان وڌندڙ حملن جي واقعن کي روڪڻ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو به حل نه آهي.

Read Previous

شام ۽ فلسطين ۾ امن لاءِ ڪير به نٿو ڳالهائي: گوهر خان

Read Next

اسان جي خواهش آهي افغانستان ۾ امن هجي، اسان دنيا سان گڏجي افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا

Most Popular