اسان جي خواهش آهي افغانستان ۾ امن هجي، اسان دنيا سان گڏجي افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي افغانستان ۾ امن هجي، اسان دنيا سان گڏجي افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڪجهه عنصر نٿا چاهين پاڪستان سي پيڪ تي اڳتي وڌي، ڇو ته افغانستان جي حالتن سبب سي پيڪ وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي ۽ ان خلاف سازشون ٿي رهيون آهن پر عمران خان جي حڪومت جو عزم آهي ته سي پيڪ کي اڳتي وٺي وينداسين.

هن چيو ته افغانستان مان آمد تي سفارتڪارن ۽ ٻين کي هڪ مهيني جي ويزا ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته افغان پناهگيرن بابت اڃا فيصلو ناهي ٿيو ۽ ان معاملي تي ڪو دٻاءُ ناهي، چمن ۽ طورخم بارڊر واپار لاءِ کليل آهي، 853 ماڻهو طورخم رستي پاڪستان داخل ٿيا.

سندس چوڻ هو ته اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون ۽ دنيا سان گڏجي اتي امن چاهيون ٿا، دنيا جو سڄو ڌيان هن وقت ڪابل ايئرپورٽ تي آهي، جڏهن ته طالبان خاطري ڪرائي آهي ته افغان سرزمين ڪالعدم ٽي ٽي پي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اپوزيشن ناڪام آهي، ٽن سالن کان انهن جي جلسن جو ڪو نتيجو نه نڪتو پر مولانا فضل الرحمان جي سياست شايد افغانستان جي ڪري سٺي ٿي وڃي.

هن چيو ته مريم نواز اسان کان ڪا اجازت ئي ناهي گهري، جيڪڏهن اجازت گهري ها ته ان معاملي کي ڪابينا ۾ ضرور رکان ها، جڏهن ته شهباز شريف جي درخواست جو وقت گذري چڪو آهي.

Read Previous

مردن کي گهر ڀاتين کان سواءِ ڪنهن به عوامي هنڌ تي وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي: بختاور مطالبو

Read Next

رڳو هڪ سافٽ ڊرنڪ زندگيءَ جا 12 منٽ گهٽائي ڇڏي ٿي

Most Popular