ملڪ ۾ نين ڪورونا پابندين جو اعلان

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ملڪ ۾ ڪورونا جي نين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سبب صوبي ۾ تعليمي ادارا وڌيڪ هڪ هفتو بند رکڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي.

وفاق طرفان نين پابندين جو اعلان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سربراهه اسد عمر صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.

هن چيو ته 30 سيپٽمبر کانپوءِ اسڪولن ۽ ٽرانسپورٽيشن ۾ مڪمل ويڪسينيشن بنا ڪم نه ڪري سگهبو، جڏهن ته مڪمل ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ ماڻهو فضائي سفر به نه ڪري سگهندا.

سندس چوڻ هو ته 30 سيپٽمبر کانپوءِ مڪمل ويڪسينيشن بنا ڪير ملڪ به نه اچي سگهندو ۽ نه وڃي سگهندو، شاپنگ مالز، هوٽلز ۽ گيسٽ هائوسز ۾ به اهي پابنديون لاڳو هونديون، جڏهن ته شادي تقريبن ۾ به 30 سيپٽمبر کانپوءِ ويڪسينيشن بنا شرڪت جي اجازت نه هوندي.

اسد عمر چيو ته 17 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شاگردن لاءِ 15 سيپٽمبر تائين ويڪسين جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊوز لڳائڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ اهي به تعليمي ادارن ۾ نه وڃي سگهندا، تنهن ڪري والدين پنهنجي ٻارن جي ويڪسينيشن ضرور ڪرائن، ڇو ته 15 آڪٽوبر کانپوءِ مڪمل ويڪسينيشن بنا تعليمي ادارن ۾ داخلا بند هوندي.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان الڪيشن ڪميشن جي نوٽيس جو جواب ڏئي ڇڏيو

Read Next

”عوام تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم کي سڃاڻي چڪو آهي“

Most Popular