”عوام تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم کي سڃاڻي چڪو آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي کي بهتري ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون.

ڪراچي جي مختلف علائقن جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهر جي مسئلن کان انڪار نٿا ڪري سگهون پر عوام جا مسئلا حل ڪنداسين، ڪراچي تبديل ٿي چڪو آهي، ايڊمنسٽريٽر جي مقرري کانپوءِ ڪم بهتر ٿي رهيو آهي، هنڌ هنڌ ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن، ڪجهه مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ڪجهه ٿيڻ وارا آهن.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ سينٽرل ضلعو ڪچري جو ڍير هو، ڪراچي جو عوام تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم کي سڃاڻي چڪو آهي، عمران خان ۽ ايم ڪيو ايم شهر ۾ هڪ سِر به نه لڳائي ۽ نه هڪ قطرو پاڻي فراهم ڪيو، اسان وٽ وسيلا گهٽ آهن، وفاق اسان کي پنهنجو حق نه پيو ڏئي، حڪومت کان پڇون ٿا ته شهر کي ڏنل 11 سئو اربن جو پيڪيج ڪاڏي ويو؟

سندس چوڻ هو ته سنڌ پنهنجي وسيلن سان پاڻي کوٽ جو خاتمو ڪيو آهي، شهر کي بهتري ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون، عوام کي اپيل آهي ته اسان جو ساٿ ڏئي ۽ ڀرپور سهڪار ڪري، سنڌ جي مڪاني نظام پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري جمهوريت روايت کي جيئرو رکيو، مردم شماري جو معاملو طئي ٿيندي ئي اسان لوڪل باڊيز چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پ پ حڪومت سان پهرئين ڏينهن کان مهاڏو اٽڪايو، پي ڊي ايم کي غير جمهوري حڪومت هٽائڻ جو رستو ڏيکاريو هو پر انهن ان رستي جي چونڊ نه ڪئي، اها انهن جي مرضي هئي، جڏهن ته پي دي ايم جي ايندڙ جلسي لاءِ آجيان ڪيون ٿا.

Read Previous

ملڪ ۾ نين ڪورونا پابندين جو اعلان

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين ۽ ڪيسن ۾ واڌ

Most Popular