سيد مراد علي شاهه وڏي پابندي هڻي ڇڏي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وڏي محنت سان صوبي ۾ امن قائم ڪيو، صورتحال ڪنهن به صورت ۾ خراب ٿيڻ نه ڏينداسين.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 10 ڏينهن دوران ٿيندڙ ڏوهن جو جائزو ورتو ويو ۽ سيد مراد علي شاهه محرم الحرام ۽ 14 آگسٽ پرامن طريقي سان ٿيڻ تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن کي شاباس ڏني.

وڏي وزير افغان صورتحال کي ڏسندي صوبي ۾ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اسان وڏي محنت سان صوبي، خاص طور ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو، هاڻ به صورت ۾ امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، تنهن ڪري پوليس پنهنجو هوم ورڪ ڪري.

هن چيو ته پوليس ڏوهن جي وارداتن جي ماهوار رپورٽ ميڊيا ۾ جاري ڪري، جڏهن ته سنڌ جي پراجيڪٽن تي ڪم ڪندڙ ٻاهرين ملڪن جي شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي.

اجلاس دوران ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي بريفنگ ۾ چيو ته 10 ڏينهن ۾ 11 کان 20 آگسٽ تائين اقليتن خلاف 4 ڏوهه رپورٽ ٿيا، عورتن خلاف 38 ڪرائم رپورٽ ٿيا، اسٽريٽ ڪرائم ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

Read Previous

آئمه بيگ جي تازي تصوير تي تنقيد

Read Next

ڀارت جي پِٽڪي مان ان جي شڪست نظر اچي رهي آهي: شيخ رشيد

Most Popular