ڀارت جي پِٽڪي مان ان جي شڪست نظر اچي رهي آهي: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان کي ملڪ ۾ دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان آمريڪا جي اتحادي هجڻ جو وڏو نقصان کنيو آهي، افغانستان جو مسئلو اتان جي عوام جو مسئلو آهي، پاڪستان سڌي ريت افغانستان جي ڪنهن مسئلي ۾ ملوث ناهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي خواهش آهي، اسان سڄي دنيا سان گڏ بيٺا آهيون، طالبان جو عام معافي جو اعلان هاڪاري قدم آهي.

هن چيو ته پاڪستان تي پناهگيرن جي حوالي سان ڪو دٻاءُ ناهي، طالبان خاطري ڪرائي آهي ته  افغان سرزمين ڪنهن جي خلاف به استعمال نه ٿيندي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي، ڀارت افغانستان ۾ ناڪامي کي منهن ڏنو، افغان صورتحال تي ڀارت جو پريشان ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي، ڀارت ۾ جيڪو پِٽڪو ٿي رهيو آهي، ان سان انهن جي چهرن تي شڪست نظر اچي رهي آهي، ان جو سڄي دنيا کي احساس آهي.

Read Previous

سيد مراد علي شاهه وڏي پابندي هڻي ڇڏي

Read Next

اقتصادي رابطه ڪميٽي ٻه لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular