طالبان صحافين کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

ڪابل جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ طالبان جيتوڻيڪ سڀني لاءِ عام معافي ۽ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي پر ان باوجود ڪجهه ماڻهو ٻڏتر ۽ خوف جو شڪار آهن.

طالبان طرفان عورتن لاءِ حجاب لازمي قرار ڏيڻ سميت ٻي ڪنهن به قسم جي پابندي نه هڻڻ باوجود ڪابل ۾ حجاب جي وڪري ۾ پڻ واڌ ٿي وئي آهي پر هاڻ طالبان ترجمان افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ صحافين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڪابل ۾ پرڏيهي صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ذبيح الله مجاهد چيو ته ميڊيا کي افغانستان ۾ ڪم ڪرڻ جي مڪمل اجازت آهي، جڏهن حڪومت ٺهندي ته صحافين کي چُرپر جي سهولت ڏينداسين پر صورتحال اڃا واضح ناهي، تنهن ڪري صحافي محتاط ٿي ڪم ڪن.

هن چيو ته صحافين جي سهولت لاءِ 3 رڪني ٽيم به جوڙي رهيا آهيون، صحافي دنيا کي افغانستان جي اصل تصوير ڏيکارين، 10 ڏينهن اڳ جي سيڪيورٽي صورتحال جي اڄ سان ڀيٽ به ڪن.

ان موقعي تي طالبان ترجمان پنهنجي 3 ساٿين سان گڏ صحافين جا مسئلا به ٻڌا.

Read Previous

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھائڻ جي ڪوشش ڪئي: رياض چانڊيو

Read Next

ڪترينا ڪيف جون روس ۾ ”ٽائيگر 3“ جي شوٽنگ دوران ورتل تصويرون وائرل

Most Popular