پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھائڻ جي ڪوشش ڪئي: رياض چانڊيو

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو آهي ته سنڌ جي مسئلن خلاف پرامن جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رياض چانڊيي چيو ته اسان پي ٽي آءِ سرڪار جي سنڌ دشمن پاليسين جي مذمت ڪيون ٿا، عدالتن کان مٿانهان قتل انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، خاص طور تي قومپرست ڪارڪنن سميت قومپرست اڳواڻن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري دهشتگرد جو ٺپو هنيو پيو وڃي، مون سميت منهنجي ساٿين کي فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جا ذميوار عمراني سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جو وڏو وزير مراد علي شاهه آهي.

هن چيو ته سنڌ جي چيف جسٽس سان ناانصافي بند ڪئي وڃي، ڪنٽرولڊ ميڊيا سسٽم هلايو پيو وڃي ته جيئن ميڊيا ۽ عدليا کي مفلوج بڻائي سگهجي، اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت جي نظر سنڌ جي قدرتي وسيلن تي آهي، سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو، جيئي سنڌ محاذ سنڌ اندر وڌندڙ غير قانوني منصوبن خلاف آهي، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي سميت ٻين منصوبن خلاف جدوجهد جو حصو آهي ۽ اسان مستقل جدوجهد کي يقيني بڻائينداسين.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو وڏو بحران ڪيو ويو آهي ۽ زرعي زمين بنجر بڻجي رهي آهي، پنجاب پاڻي لٽي رهيو آهي ۽ حڪمران سياست ڪري رهيا آهن، آصف زرداري سنڌ کي ڀڳڙن مٺ وڪڻي ڇڏيو آهي.

Read Previous

سوئي سدرن گئس ڪمپني ٻه هزار ملازمن کي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو

Read Next

طالبان صحافين کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

Most Popular