رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو

وزيراعظم عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجا جي پي سي بي چيئرمين طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم آفيس رميز راجا کي فون ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين بڻائڻ جي حوالي سان آگاهي ڏني.

هوڏانهن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي رميز راجا به اهڙي تصديق ڪئي ۽ چيو ته بورڊ چيئرمين بڻجڻ مون لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.

Read Previous

سوناڪشي سنها پنهنجي مداح جي دل ٽوڙي ڇڏي

Read Next

عالمي اداري پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular