عالمي اداري پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو

انساني حقن جي عالمي تنظيم هيومن رائٽس واچ چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت ملڪ ۾ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ، صحافين ۽ صحافتي ادارن کي سزا ڏيڻ لاءِ نئين اٿارٽي قائم ڪرڻ جو قانون آڻڻ چاهي ٿي.

هيومن رائٽس واچ موجب معاملن کي ڳجهو رکيو پيو وڃي، ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي قدمن کي فوري طور روڪيو وڃي ۽ اظهار جي آزادي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هوڏانهن واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني هيومن رائٽس واچ کي جواب ۾ چيو آهي ته حڪومت جو پي ايم ڊي اي کي آرڊيننس ذريعي آڻڻ جو ڪو ارادو ناهي، تجويز ڪيل بل ۾ صحافين کي سزائون ڏيڻ جو ذڪر ناهي ۽ ان معاملي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهايو پيو وڃي.

Read Previous

رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو

Read Next

ن ليگ جو تحريڪ انصاف تي وڏو الزام

Most Popular