سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ 2 رڪني بئنچ جو حڪم نامي واپس وٺي ڇڏيو ۽ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي حوالي سان فيصلو ٻڌايو ويو آهي.

5 رڪني بئنچ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڻمرادي نوٽيس جو اختيار رڳو چيف جسٽس وٽ آهي، ڪا بئنچ پاڻمرادو نوٽيس نٿي وٺي سگهي.

پاڻمرادي نوٽيس جي طريقي ڪار بابت ڪيس جو مختصر فيصلو قائم مقام چيف جسٽس عطا عمر بنديال پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صحافين جي درخواست تي فيصلو چيف جسٽس ڪندو.

فيصلي ۾ چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فيصلي جا تفصيلي سبب پوءِ جاري ڪيا ويندا.

واضح رهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ صحافين کي هراسان ڪرڻ خلاف داخل آئيني درخواست جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي گهرو سيڪريٽري، سڌ سماءَ واري سيڪريٽري، انساني حقن واري سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪيا هئا ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو.

Read Previous

ن ليگ جو تحريڪ انصاف تي وڏو الزام

Read Next

ڇا ملڪ ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون لڳندو؟ اهم خبر

Most Popular