ڇا ملڪ ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون لڳندو؟ اهم خبر

ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر وري زور وٺي وئي آهي ۽ نون ڪيسن توڙي فوتگين ۾ واڌ سامهون اچي رهي آهي.

ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ حڪومت سخت قدم پڻ کنيا آهن، جن ۾ 15 سيپٽمبر تائين سڀني لاءِ ويڪسين جو هڪ ڊوز لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ شاگرد به شامل آهن ۽ ويڪسين نه لڳرائيندڙ شاگردن کي اسڪول داخلا جي اجازت نه ڏني ويندي.

ملڪ ۾ ڪورونا جي روڪٿام لاءِ حڪومتي سختين کانپوءِ اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته مڪمل لاڪ ڊائون هنيو ويندو، هاڻ ان حوالي سان صحت جي پارلياماني سيڪريٽري وضاحت ڪري ڇڏي آهي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته جتي ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، اتي ڪيسن ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو

Read Next

گھڻو وقت هڪ ئي جاءِ تي ويهڻ جا صحت لاءِ خطرناڪ نقصان

Most Popular