پاڪ-افعان سرحد تي صورتحال اسان جي ڪنٽرول ۾ آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابت افتخار چيو آهي ته افغانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت خاتمو سڀني جي اميدن جي ابتڙ آهي.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ صورتحال، درپيش قومي سلامتي جي مسئلن ۽ ڪنهن قسم جي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان سڀني کي خبر آهي، آمريڪا ۽ نيٽو فوج جو انخلا اڳ کان طئي ٿيل هو، پاڪستان اڳ ئي افغانستان سرحد جي تحفظ لاءِ قدم کنيا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سرحد محفوظ ۽ مستحڪم هجڻ جا هاڪاري اثر پاڙيسري ملڪ تي به پوندا.

پاڙسري ملڪ ۾ ٿيل واقعن جي ٽائيم لائين ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 15 آگسٽ کان اڳ افغان نيشنل آرمي سان واسطو رکندڙ ڪيترائي فوجي ٻه کان وڌيڪ ڀيرا پاڪستان ۾ محفوظ رستي جي ڳولا ۾ داخل ٿيا ڇو جو هو ڊنل هئا ته سندن پوسٽن تي طالبان حملو ڪري سگھن ٿا.

ڊي آءِ ايس پي آر موجب کين قبول ڪيو ويو ۽ فوجي اصولن تحفوظ رستو ڏنو ويو..

ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج اندازو لڳايو هو ته حالتون ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن ۽ عدم استحڪام جو امڪان آهي جنهن سبب ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوجين کي اهم سرحدي گزرگارهن تي منتقل ڪيو ويو هو.

انخلا

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغانستان مان پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ ٻِين سڀ کان وڏي جاءِ پاڪستان آهي.

هن چيو ته هن وقت تائين 113 اڏامون فوجي ۽ واپاري ٻئي افغانستان کان پاڪستان پهچي چڪي آهي، پاڪ افغان سرحد تي حالتون معمول تي آهن ۽ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو.

Read Previous

ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪا، داعش تي حملن جا حڪم

Read Next

ريل جي پٽڙين جو جائزو وٺندڙ چوڪيدار روبوٽ

Most Popular