ريل جي پٽڙين جو جائزو وٺندڙ چوڪيدار روبوٽ

ريلوي لائين جي پٽڙين جو لاڳيتو جائزو وٺڻ ضروري هوندو آهي ۽ هاڻ ان ڪم لاءِ پٽڙين تي هلي ان جو معائنو ڪندڙ ڊرون تيار ڪيو ويو آهي.

پاڪستان هجي يا آمريڪا ريلوي پٽڙين جو لاڳيتو جائزو وٺڻ ضروري آهي. ان ڪري انساني انسپيڪٽر پنهنجو ڪم ڪندا آهن پر ريل گاڏي اچڻ جي صورت ۾ کين پنهنجي رستي تان هٽڻو پوندو آهي. ان ڪري هاڻ ريل تي هلندڙ ڊرون تيار ڪيو جنهن کي اسٽاڪر بي جي 300 جو نالو ڏنو ويو آهي.

ناروي جي هڪ ڪمپني ان ڊرون کي تيار ڪيو آهي جنهن ۾ توانائي پهچائيندڙ سيل لڳايا ويا آهن. ان جا خاص ڦيٿا ريليو لائين تي ٽرين جيان هلڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ۽ جيئن ئي سامهون ريل اچي ٿي ته اهو ۾ اڏامي ٿو ۽ ريل گذرڻ کان پوءِ ٻيهر پٽڙي اچي وڃي ٿو.

پنهنجي مخصوص ڦيٿن سبب  اهو ڊرون ريلوي لائين تي ڊوڙي ٿو . ان جي رفتار کي گھٽائي به سگھجي ٿي اهو  20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿو. گھٽ رفتار سبب پٽڙين جو معائنو ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. جديد ترين ڪيمرائن ۽ سينسر جي مدد سان اهو پٽڙين ۾ خرابي کي نوٽ ڪندو رهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن اوزار تي ڪِٽُ لڳي وڃي ٿي ته ان تي تيل به هاري ٿو. ۽ جيئن ئي سامهون ڪا ريل گاڏي اچي ٿي ته فوري طور تي اهو اڏامي ٿو. پنهنجي ان ڪيفيت جي ڪري اهو هڪ پٽڙي کان ٻي پٽڙي تي وڃي سگھي ٿو.

اهو ڊرون يورپي ريلوي نيٽ ورڪ جي مدد لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ سال جي وچ تائين ان جي واپاري پيماني تي تيار شروع ٿي ويندي.

Read Previous

پاڪ-افعان سرحد تي صورتحال اسان جي ڪنٽرول ۾ آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

Read Next

ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ روسي اداڪارا جو لاش هٿ

Most Popular