حڪومت پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت پيٽرول شين جي اگھن ۾ گھٽتائيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ ڏيڍ رپيو في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ به ڏيڍ رپيو في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت موجب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي نئين قيمت 118 رپيا 30 پيسا في ليٽر هوندي.

لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 84 رپيا 77 پيسا ۽ گاسليٽ جي نئين قيمت 86 رپيا 80 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته قيمتن ۾ گهٽتائي  اڄ رات 12 وڳي کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هوندي.

Read Previous

ڊگھي جنگ جو خاتمو، آمريڪا افغانستان مان نڪري ويو، طالبان جو جشن

Read Next

موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

Most Popular