ڊگھي جنگ جو خاتمو، آمريڪا افغانستان مان نڪري ويو، طالبان جو جشن

آمريڪا افغانستان مان پنهنجي  فوج کي ڪڍڻ جو عمل ڊيڊ لائين کان اڳ ئي مڪمل ڪري ورتو.

آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ واري عمل ڊيڊ لائين کان اڳ ئي مڪمل ڪري ورتو ۽ اتي موجود آخري آمريڪي فوجي به رات 12 وڳي کان اڳ ڪابل ايئر پورٽ کان روانو ٿي ويا.

ڪابل جي آخري آمريڪي اڏام جي روانگي جو اعلان طالبان ڪيو جنهن کان پوءِ آمريڪي اختيارين برطانوي خابرو اداري رائيٽر کي تصديق ڪئي ته آمريڪا افغانستان نڪرڻ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي.

ان آخري اڏام سان گڏ ۽ 11 سيپٽمبر جي حملن کان پوءِ افغانستان ۾ شروع ٿيل 20 سالن جي آمريڪي مهم ختم ٿي وئي.

ان ڊگھي ترين جنگ ۾ تقريبن 50 هزار افغان شهري، 2500 آمريڪي فوجي، 66 هزار افغان فوجي ۽ پوليس اهلڪا، 457 برطانوي فوجي ۽ 50 هزار طالبان ۽ ٻيا آمريڪا مخالف ويڙهاڪ مارجي ويا.

افغان جنگ جي نگراني 4 آمريڪي صدرن ڪئي جڏهن ته ان تي هڪ اندازي موجب 2 کرب ڊالر خرچ ٿيا.

جنگي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ قرض جي مد ۾ ورتل تقريبن رقم آمريڪا جي ڪيترن ئي نسلن کي وياج جي مد ۾  6 کرب ڊالر ادا ڪرڻي پوندي.

Read Previous

ڀارت ۾ وري جوهري مواد جي چوري، پاڪستان پاران جاچ جو مطالبو

Read Next

حڪومت پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو

Most Popular