شهباز شريف قومي حڪومت جي ڳالهه نه ڪئي: مريم نواز

ن ليگ نائب صدر مريم نواز حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي کي تباهي ۽ بربادي قرار ڏئي ڇڏيو.

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ عدالت پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مفاهمت پري جي ڳالهه، انهن سان ڳالهائڻ به نه گهرجي، موجوده حڪومت کي ٻاهر رکي ٻين جماعتن کي گڏجي ملڪ لاءِ سوچڻ گهرجي.

ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت اپوزيشن ۽ ميڊيا کي تنگ ڪري رهي آهي، ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ميڊيا جي زبان بندي جو تسلسل آهي.

سندس چوڻ هو ته ان وقت اسان جي اها ئي ڪوشش هجڻ گهرجي ته حڪومت جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي منصوبن کي روڪيون، ناجائز ۽ مڙهيل حڪومت طرفان جاري احتساب رڳو انتقام آهي.

مريم نواز چيو ته حالتون تبديل ٿي ويون آهن، تمام جلد توهان هر شئي تبديل ٿيل ڏسندئو، جڏهن ضروري ٿيو ته نواز شريف ڏيهه موٽي ايندو.

ن ليگ نائب صدر وڌيڪ چيو ته شهباز شريف قومي حڪومت جي نه قومي مفاهمت جي ڳالهه ڪئي، جڏهن ته منهنجو هڪ ئي پٽ آهي، جنهن جي نڪاح لاءِ به حڪومت کان اجازت نه گهري.

Read Previous

ٻن مهينن دوران ٽيڪس وصولي هدف کان 23 سيڪڙو وڌيڪ رهي: وزيراعظم

Read Next

راڻا ثناءُ الله خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري جي منظوري

Most Popular