راڻا ثناءُ الله خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري جي منظوري

نيب جي لاهور ڊويزن ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڊي جي نيب لاهور ميجر رٽائرڊ شهزاد سليم جي صدارت هيٺ نيب آفيس لاهور ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي.

نيب اختيارين موجب رانا ثناءُ الله جي 19 ڪروڙ رپين جي اثاثن جي جاچ لاءِ نيب چيئرمين کي ريفرنس داخل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

Read Previous

شهباز شريف قومي حڪومت جي ڳالهه نه ڪئي: مريم نواز

Read Next

طالبان جي افعانستان حڪومت ۾ اچڻ جا ڪشمير تي پوندڙ اثر، ڀارت پريشان

Most Popular