ٽاس تي عهدا وٺندڙ پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ بيان بازي پيا ڪن: مريم اورنگزيب

ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ٽاس تي آيل حڪومت ٽاس تي هلي رهي آهي.

وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته ٽاس تي عهدا وٺڻ وارا پنهنجون نوڪريون بچائڻ لاءِ روز اهڙا بيان ڏيندا آهن.

هن چيو ته توهان نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي جي ڳڻتي ڇڏيو پر اٽي، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوائن جي ڳڻتي ڪيو، عمران صاحب جا ڀاڙي جا ترجمان ان عوام جي ڳڻتي ڪن، جيڪو مهانگائي ۽ بيرزوگاري جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ن ليگ قيادت محفوظ هٿن ۾ آهن، توهان ڊالر جي اڏام روڪيو.

واضح رهي ته فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ن ليگ جي اندر وڏي ويڙهه جاري آهي، ن ليگ ۾ هر هفتي ٽاس ٿيندو آهي ته هڪ هفتو شهباز شريف قيادت ڪندو ۽ ٻئي هفتي مريم نواز، ان ئي ٽاس جي نتيجي ۾ ٽئين هفتي شاهد خاقان عباسي ۽ چوٿين هفتي نواز شريف جو وارو ايندو آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 61 فوت، 3747 نون ڪيسن جي تصديق

Read Next

ڪوئيٽا ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو، 3 اهلڪار شهيد، ڪيترائي زخمي

Most Popular