ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 61 فوت، 3747 نون ڪيسن جي تصديق

ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 61 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 3747 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.

اين سي او سي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ سامهون آيل 61 فوتگين ۽ 3747 نون ڪيسن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 26،175 ۽ ڪيسن جو ڪُل انگ 1،179،305 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.47 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

Read Previous

اسان سان دوکو ٿيو، هاڻ پاڻ ميدان ۾ لٿا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

ٽاس تي عهدا وٺندڙ پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ بيان بازي پيا ڪن: مريم اورنگزيب

Most Popular