گوادر ۽ ڪوئيٽا ڌماڪن بابت گهرو وزير شيخ رشيد جو وڏو انڪشاف

افغانستان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ هڪ پاسي طالبان اهو موقف پيش ڪري رهيا آهن ته انهن جي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيندي، ٻئي پاسي وري ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان ۾ دهشتگرد واقعا سامهون اچي رهيا آهن.

اڳ ۾ 20 آگسٽ تي گوادر ۾ چيني شهرين جي قافلي تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ چيني شهري زخمي ٿي پيو هو، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ کيڏندڙ ٻه ٻار مارجي ويا هئا ۽ ٻه زخمي به ٿيا هئا، جڏهن ته گذريل ڏينهن وري ڪوئيٽا ۾ مستونگ روڊ تي ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 19 زخمي ٿي پيا هئا.

انهن ٻنهي ڌماڪن جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وڏو انڪشاف ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪوئيٽا ۾ ڪالهه ايف سي تي جيڪو حملو ٿيو، ان ۾ ملوث دهشتگرد افغانستان مان آيو، گوادر ۽ ڪوئيٽا ٻنهي ڌماڪن جا آپگهاتي بمبار افغانستان مان آيا، ٻنهي جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، افغانستان ۾ حڪومت ٺهڻ کانپوءِ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪبي.

هن چيو ته ڀارتي پروپئگنڊا بي بنياد آهي، پاڪستان ۾ پناهگيرن جي ڪا ڪئمپ ناهي، طالبان جي سي پيڪ ۾ شموليت جي خواهش سٺو سنئوڻ آهي، افغان حڪومت چيو آهي ته ان جي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيندي، خطي ۾ ڀارت سڀ کان وڌيڪ ناڪامي کي منهن ڏنو، چمن باردر جو معاملو 12 تاريخ تائين حل ڪيو ويندو.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: اسان جي اعتماد جي سطح اوچي آهي: بابر اعظم

Read Next

سي پيڪ ۾ شموليت چاهيون ٿا، پاڪستان جا خدشا ختم ڪنداسين: طالبان

Most Popular