سي پيڪ ۾ شموليت چاهيون ٿا، پاڪستان جا خدشا ختم ڪنداسين: طالبان

افغان طالبان چيو آهي ته چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) ۾ شموليت جا خواهشمند آهيون ۽ پاڪستان کي جن معاملن تي ڳڻتي آهي، اهي حل ڪنداسين.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس دوران پنجشير وادي جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته افغانستان ۾ هاڻ جنگ جو دور ختم ٿي چڪو، حڪومت سازي لاءِ مشاورت جو عمل جاري آهي، قومي حڪومت جي جوڙجڪ ۾ سڀني ڌرين کي شامل ڪيو ويندو، جلد حڪومت جو اعلان ڪنداسين، حڪومت ٺهڻ کانپوءِ عورتن کي صحيح وقت تي احتجاج ڪرڻ ۽ آواز اٿارڻ جو حق آهي.

هن چيو ته افعانستان سي پيڪ منصوبن ۾ شموليت جو خواهشمند آهي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ سلامتي معاملن تي پاڪستان جي ڳڻتي جائز آهي، جن معاملن تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي، اهي معاملا حل ڪيا ويندا، افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين.

Read Previous

گوادر ۽ ڪوئيٽا ڌماڪن بابت گهرو وزير شيخ رشيد جو وڏو انڪشاف

Read Next

ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني قومي ٽيم جو اعلان، سينيئر نظرانداز

Most Popular