ڪرپٽ نظام سان ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت کي عوام جو فائدو ڏسڻو پوندو: عمران خان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ نظام سان ملڪ ۾ ترقي نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم عمران خان نٿيا گلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پرڏيهي پاڪستاني حڪومت جو اهم اثاثو آهن ۽ مان پرڏيهي پاڪستانين جي پريشانين کي سمجهي سگهان ٿو.

وزيراعظم چيو ته حڪومت کي پنهنجو نه پر عوام جو فائدو ڏسڻو پوندو ۽ بدقسمتي سان اسان پرڏيهي پاڪسانين مان  فائدو ناهي کنيو. اسان کي انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت مٿان حملو ڪندڙ قانون جي حڪمراني نٿا چاهين ۽ ڪرپٽ نظام سان ملڪ ۾ ترقي نٿي ٿي سگهي. جڏهن  پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ هتي سهولتون نه هونديون ته هو سرمائيڪاري ٻاهر ڪندا. عمران خان چيو ته اسان کي ايڪسپورٽ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ايڪسپورٽ وڌي ته ملڪ جا قرض به لاهي سگهنداسين.

پرڏيهي پاڪستاني پنهنجي ڪمايل پئسن مان هتي پلاٽ وٺندا آهن پر ان تي قبضا مافيا قبضو ڪري وٺندا آهن ان لاءِ اسان کي پرڏيهي پاڪستانين کي تحفظ ڏيڻو پوندو ۽ انهن کي بهتر ماحول ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ هن وقت ماڻهو ڪراچي مان پئسا کڻي دبئي ۾ لڳائي رهيا آهن.

Read Previous

علي ظفر جي پاڪ فضائيا کي ڀيٽا

Read Next

دل جي مريضن کي مدي خارج اسٽنٽ وجهڻ تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب

Most Popular